رساله نمونه خوش نويسي

رساله نمونه خوش نويسي

رساله نمونه خوش نويسي

رساله نمونه خوش نويسي (قلمي): هي فارسي ٻوليءَ ۾ قلمي ڪتاب فن خطاطي بابت تفصيلي معلومات مهيا ڪري ٿو. هن ۾ خطاطي جي تاريخ ۽ مختلف خطن جي احوال کان سواءِ انهن جي لکڻ جو طريقو پڻ ڏنل آهن، گڏوگڏ قلم تراشڻ، مختلف رنگن جي مس ٺاهن جا طريقا پڻ ڏنل آهن ۽ آخر ۾ مختلف خطن جا نموني طور طغرا پڻ ڏنل آهن. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”وبھ بسم الله الرحمٰن الرحيم نستعين
وبھ الحول والقوة سايش بيقياس خواهه
راکه عقول در ادراک حقيقت ذات او
حيران احاطت کند معرفت او...“
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
... ”والسلام عليھ و عليٰ آلھ الطيبين
الطاهرين ورحمة الله وبرکاتھ حرره
العبده حقير ابن محمد رضا محمد جعفر شيرازي.“
هي قلمي نسخو محمد جعفر شيرازيءَ جو تصنيف ڪيل آهي ۽ ڪتابت به انهيءَ جي ٿيل آهي. ڪتاب 209 صفحن تي مشتمل آهي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو